سلطان محمد مهردار

سلطان محمد مهردار: ارغون دور ۾ ميرزا شاهه بيگ پنهنجي پٽ ميرزا شاهه حسن بيگ ارغون کي بکر طرف نئين قلعي ٺهرائڻ لاءِ حڪم ڏنو. شاهه بيگ ارغون پيءُ جي حڪم موجب پاڻ سان ٻين اميرن سان گڏ سلطان محمد مهردار کي پڻ وٺي ويو. شاهه بکر ۾ پهچڻ شرط روهڙيءَ ۾ سيدن کي رهڻ لاءِ جايون ڏنيون ۽ بکر ۾ اروڙ شهر جي سرن مان نئون قلعو ٺهرائڻ جو حڪم ڏنائين. جڏهن پوري هڪ سال ۾ قلعو مڪمل ٿيو تڏهن شاهه بيگ ارغون سلطان محمد مهردار کي اتي قلعي ۾ نگران ڪري پاڻ واپس ٺٽي هليو آيو. سلطان محمد مهردار قلعي کي تمام سهڻي نموني سنڀاليو، شاهه حسن بيگ ارغون، سلطان محمد مهردار انهي ڪري تمام گهڻو متاثر ٿيو ۽ کيس انعام و اڪرام پڻ ڏنائين.


لفظ سلطان محمد مهردارھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو